حارث بن عميرازدي

حارث بن عميرازدي: هيءُ اصحابي، ازد قبيلي مان هو. مڪي جي فتح کان پهريان اسلام قبول ڪيائين. پاڻ سڳورن جڏهن بادشاهن ۽ اميرن کي اسلام جي دعوت جا خط موڪليا ته هڪ خط بصري جي بادشاهه شرجيل بن عمر جي نالي به لکيائون. حضرت حارث تي اهو خط پهچائڻ جي ذميواري رکي وئي. حضرت حارث اهو خط کڻي موته واري هنڌ تائين پهتو ته شرجيل سان سندس ملاقات ٿي وئي. ان کانئس پڇيو ته ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين؟ حضرت حارث چيو ته شام وڃي رهيو آهيان. شرجيل چيو ته ڪنهن جو قاصد آهين؟ حضرت حارث چيو ته حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم جو قاصد آهيان، اهو ٻڌي شرجيل کيس بيدرديءَ سان شهيد ڪرائي ڇڏيو.
حارث، اسلامي تاريخ جو پهريون قاصد آهي، جنهن خدا جي راهه ۾ شهادت جو جام پيتو، حضورؐ جن کي سندس شهادت جي خبر ملي ته کين تمام گھڻو ڏک رسيو ۽ حضرت حارثرضه جي خون جي بدلي لاءِ حضرت زيد رضه بن حارث جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ لشڪر ’موته‘ روانو ڪيائون. جنگ دوران حضرت زيد رضه ۽ حضرت جعفر طيار رضه ۽ ٻيا شهيد ٿيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو